اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) نيش??ل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس هڪ ٻئي خراب ج??از کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان سول ايويشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ حيدرآباد منتقل ڪرڻ جي حوالي سان اين او سي جاري ڪري ڇڏيو. خراب ج??از بردار ٽريلر (اڄ) 4 وڳي ڪراچي کان حيدرآباد سڌيءَ ريت نيش??ل هاءِ و?? تان روانو ٿيندو. پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي موجب خراب ج??از کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان سول ايويشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو، 40 ٽن وزني ايم ڊي 83 ج??از 20 نومبر تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو. ان حوالي سان نيش??ل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پويلس اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي. خراب ج??از کي کڻي ويندڙ ٽريلر نيش??ل هاءِ وي کان ٿيندو اسٽيل ٽائون، بن قاسم ٽائون، گهارو، ٺٽو، حيدرآباد – بدين روڊ ۽ سرمست روڊ کان ٿيندو حيدرآباد ۾ سول ايوي ايشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ تان پهچندو. هي ايم ڊي-83 ج??از جنهن جي ڊيگهه 150 فوٽ ۽ ان ۾ 172 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، جيڪو 2011ع کان غير فعال آهي. اهو ج??از پهرين اي ايم سي ايئر لائنز جي ٻيڙي جو حصو هو. ذڪر جوڳي ڳالهه آهي ته سعودي عرب جي شهر تبوڪ کان ڪوئيٽه ويندڙ چارٽرز اُڏام دوران ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۾ ملوث هو. ايمرجنسي لينڊنگ فرنٽ/نوز لينڊنگ گي??ر جي غير مقرريءَ سبب ٿي، مشڪل حالتن باوجود حادثي دوران ج??از ۾ سوار سمورا 74 مسافر محفوظ رهيا. هوائي ج??از کي تربيتي مقصدن لاءِ سي اي ٽي آءِ حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي جتي اهو هوابازي جي تربيت جي معيار کي وڌائڻ لاءِ هڪ عملي وسيلي طور تي ڪم ڪندو.