اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سرد??ر اياز صادق عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آ??ي ته عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي ڪا گنجائش ناهي ۽ اهو انسانيت جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته هڪ مهذب ۽ بهتر معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورتن کي برابر حق ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. اسپيڪر عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، کي?? بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. سرد??ر اياز صادق سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو عورتن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪرد??ر ادا ڪن. هن چيو ته پ??ڪستان جو آئين عورتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ پارليامينٽ عورتن جي تحفظ ۽ کي?? بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قانون منظور ڪيا آهن. پارليامينٽ ۾ قائم وومين پارلياماني ڪاڪس عورتن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ فعال ڪرد??ر ادا ڪري رهيو آ??ي. اسپيڪر عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڀريو جتي عورتون عزت، تحفظ ۽ برابري سان زندگي گذاري سگهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سرد??ر اياز صادق عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي ۽ کين سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي ڪردار کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.