راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجي ڌرتيءَ کي پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان لڳاتار عبوري افغان حڪومت کان مطالبو ڪندو رهيو آهي ته هو پنهن??ي طرفان سرحدي انتظامن کي ????را??تو بڻائي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز پنهنجي م??ڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عزم تي قائم آهي ۽ ان حوالي سان ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن.