اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي)هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته وڌندڙ آباديءَ سان هائوسنگ جي ضرورتن کي به هنگامي بنيادن تي ڏسڻو پوندو، پاليسي سازيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز ۾ ريئل ا??ٽيٽ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته نمل مبارڪن جي مستحق آهي ته پهريون ڀيرو ان موضوع تي اهڙي ڪانفرنس منعقد ڪئي. هائوسنگ جي ضرورتن کي هنگامي بنيادن تي ڏسڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اسان کي انهن ملڪن جي ماڊلز جي پيروي ڪرڻي پوندي جن نئين آئيڊياز سان هائوسنگ ۽ ريئل ا??ٽيٽ ۾ بي پناهه ترقي ڪئي. ان سان گڏوگڏ پاليسي سازيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ به اڻٽر آهي. هن چيو ته ريئل ا??ٽيٽ ۽ هائوسنگ ۾ شفافيت ۽ سهڪار جو فقدان آهي، شاگرد اسان جو قيمتي سرمايو آهن جن ??ي شموليت ريئل ا??ٽيٽ ??ي شعبي ۾ نواڻ آڻيندي.