اسلام آباد– 25 – ڊس??بر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڪابي??ا ڊويزن جو هيليڪاپٽر پارا چنار ۾ دوائن جي فراهمي، مريضن جي منتقلي ۽ ٻين امدادي سرگرمين جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار جي ٻارن، عورتن ۽ بزرگ ماڻهن جي ايمرجنسي طبي ضرورتن جي لاءِ دوائون پهچائڻ جو اهم ريليف آپريشن ڪري رهي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي 500 ڪلوگرام دوائون کڻي پهريون هيليڪاپٽر اڄ پارا چنار پهتو، ??اپ??ي ??ي اهو 4 مريضن کي علاج جي لاءِ اسلام آباد کڻي آيو. ٻيو هيليڪاپٽر اڄ ٻنپهرن جو وڌيڪ 500 ڪلوگرام دوائون کڻي اسلام آباد کان پارا چنار جي لاءِ روانو ٿيندو جيڪو ??اپ??ي ??ي اتان مريضن کي اسلام آباد کڻي ايندو. سندس چوڻ هو ته ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پارا چنار ۽ خيبرپختونخواهه جي ع??ام سان گڏ بيٺل آهيون.