اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم دنيا جي عظيم اڳواڻ، اوڀر جي نياڻي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي موقعي ت?? چيو آ??ي ته اڄ اسان شهيد محترمه جي 17هين ورسي ت?? سندس قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، شهيد محترمه نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت، مساوات ۽ انساني حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ اصو??ن تي ِٻَڌل قيادت پاڪستان جي عوام لاءِ هميشه مشعلِ ??اهه رهندي. ان موقعي ت?? پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد محترمه پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ان عزم کي مضبوط ??يو ته جمهوريت ئي اسان جي ترقي جو واحد رستو آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته محترم بينظير ڀٽو هر قسم جي ڏاڍ ۽ آمريت جو دليريءَ سان مقابلو ??يو ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هوءَ عورتن جي حقن، تعليم، صحت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهي ۽ پنهنجي قيادت ذريعي نوجوان نسل کي اهو درس ڏنو ته قومي اتحاد ۽ حب الوطني سان هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، سندس بصيرت ۽ جرئت اڄ به اسان کي متحد ۽ منظم رهڻ جو سبق ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي ان ڏينهن جي موقعي ت?? هي عهد ڪرڻو آ??ي ته شهيد محترمه جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، خوشحال ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ سندس مشن کي جاري رکنداسين. سينٽ چيئرمين چيو ته اسان شهيد محترمه کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وِسارينداسين.