اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن، سوسائٽيز، رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترميمن، ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز ۽ خيبرپختونخواهه صوب?? جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي انشورنس ٽربيونل جا اضافي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇ??ي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا روين??و ڊويزن جي سفارش تي ??نڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن جي منظوري ڏئي ڇ??ي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ??وسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترميمن جي پڻ منظوري ڏئي ڇ??ي. ڪابينا موسمياتي ??بديلي ۽ موسمياتي ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي سفارش تي ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز جي منظوري ڏئي ڇ??ي. وفاقي ڪابينا معزز پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ??يبرپختونخواهه صوب?? جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي انشورنس ٽربيونل جا اّتيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇ??ي.