اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار ۽ پاڪستاني روانگي واپار ??ي حوالي سان اهم ملڪ آهي.هن اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار ??ي شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڀائيواريءَ جي اهميت تي زور ڀريو ويو ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار ۽ روانگي واپار ??ي مارڪيٽ آهي. ناڻي واري وزير ۽ سفير اقتصادي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل ڪاروباري رٿائن ۽ معاشي سهڪار ??ي نَون موقعن تلاش ڪرڻ جو عزم ورجايو.ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪلي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، اسان جي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير آمريڪا ۾ رهندڙن پاڪستانين کي سيڙپڪاري لاءِ متحرڪ ڪرڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ فيص??و ڪيو ويو ته آمريڪا ۾ موجود ڀائيوارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي باقاعده طور تي معاشي انگن اکرن کان آگاهه رکيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي ترقي ڪندڙ معيشت ۾ سيڙپڪاري جي همٿ افزائي ڪري سگهجي.