واشنگٽن-03 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ رياست آرڪن??اس سان تعلق رکندڙ 67 ورھين جي بينڪر وارن اي اسٽيفنز کي برطانيا ۾ آ??ريڪا جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينھن پنھنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اعلان ڪيو ته وارن اي اسٽيفنز کي سينيٽ جيمز جي عدالت ۾ آ??ريڪا جي سفير طور مقرر ڪيو آھي جتي ھو برطانيا ۾ اسان جي نمائندي طور ڪم ڪندو. وارن اي اسٽيفنز ڊگھي عرصي کان ريپبلڪن ۽ آرڪن??اس ۾ قائم خانگي سيڙپڪاري بئنڪ اسٽيفن انڪارپوريش?? جو سي اي او آھي، وارن اي اسٽيفنز 2020ع ۽ 2024ع جي چونڊن ۾ ٽرمپ جي صدارتي مھم دوران لکين ڊالرن جي مالي مدد پڻ ڪئي. پنھنجي نامزدگي جي جواب ۾ وارن اي اسٽيفنز ھڪ بيان ۾ چيو ته مان پنھنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ، صدر جي ايجنڊا تي عملدارآمد ۽ آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ پراڻي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ تي فخر آھي.