اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير خان چيو آهي ته پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شموليت ملڪ کي هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي هو علائقائي استحڪام ۽ تعاون لاءِ اهم آهي، ايس سي او ذريعي پاڪستان دنيا کي اهو پيغام ڏئي س??هي ٿو ته هو پرامن حل ۽ سفارتڪاري ذريعي چئلينجن کي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس سي او ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي پاڪستان خطي ۾ کليل رابطن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل سلامتي جي قدمن کي هٿي ڏئي س??هي ٿو. تنظيم جو ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان نه رڳو پنهنجي پاليسين کي اجاگر ڪري س??هي ٿو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ ??نهنجي ڪوششن کي به بهتر طريقي سان پيش ڪري س??هي ٿو. دستگير خان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) پاڪستان لاءِ ??ڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي هو پرامن ڳالهين ۾ شامل ٿي س??هي ٿو ۽ تڪرارن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري س??هي ٿو. هن ان ڳاهه تي زور ڀريو ته ايس سي او ملڪن کي گڏجڻ، پنهنجي اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او هڪ مضبوط ۽ باثر پليٽ فارم طور اڀريو آهي، جنهن نه رڳو خطي پر اولهندي ملڪن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي. اها تنظيم عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي اهميت ۽ اثر رسوخ کي مسلسل وڌائي رهي آهي، جيڪا مختلف ملڪن کي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪن کي گڏيل قدمن ذريعي انهن چئلينجن جو موثر جواب ڏين جو موقعو فراهم ڪري ٿي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو منصوبو علائقائي رابطن کي وڌائڻ، اقتصادي حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن پاڪستان جي عالمي ساک کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.