اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ??وجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن جي ??چ ۾ 1500 ملين ڊالر جي ??الياتي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، اهو معاهدا عالمي بئنڪ، ايشيائي ت??قياتي بئنڪ ۽ ايشئين انفرااسٽرڪچر ڊلپمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ت??قياتي بئنڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي ??الي مدد فراهم ڪندو، ان جو مقصد حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي ??ظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اث??ن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، انهي طرح ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمنيٽ بئنڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي ??عاون فنانسنگ فراهم ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد ڪورونا وبا جي اث??ن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ انساني وسيلن جي ت??قي لاءِ ضروري صحت ۽ تعليم جي ??ظام کي مضبوط بڻائڻ، معاشي پيداوار ۾ عورتن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي ت??فظ جي ??نصوبن ۾ بهتري ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ هيومن انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 ملين ڊالر جي ??عاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون.