اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مشاورت جاري آهي، شوگر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي تناظر ۾ بي ضابطگين ۾ ملوث شوگر ملز خلاف ڪارروائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته حڪومت شوگر ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ ک??ن پوءِ وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، عوام کي ان کان آگاهه ڪ??ڻ ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن 2009ع ۾ کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن ڪارٽل??ئي??يشن جي نشاندهي ڪئي ۽ ان ۾ ملوث شوگر ملز تي ڏنڊ وڌا. ان وقت شوگر ملز اي??وس??ئيشن ۽ ٻين ملن ان تي اسٽي ورتو، اهو اسٽي اڃان تائين برقرار آهي، ان وقت جي حڪومتن ان اسٽي آرڊر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪ??ي، اهو ئي ماضيءَ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي سوچ جو ف??ق آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ جڏهن کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته وزيراعظم عمران خان فوري طور تي انڪوائري ڪميشن جوڙي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان شفاف،، آزاداڻي انڪوائري ڪرائي ۽ واعدي موجب انڪوائري رپورٽ عوام آڏو آندي. ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ نه ڪ??ي وئي هئي. عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جي حڪم تي سامهون آندي وئي.