اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت خاص صلاحڪ??ر معيد يوسف چيو آهي ته منهنجي خلاف غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي، مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي شهريت بابت پهريان ئي قسم نامو جمع ڪرائي چڪو آهيان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بيان ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا مان ڪا به آم??ني نه ٿي اچي، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جائيدا?? ناهي. هن چيو ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جائيدا?? ناهي، غلط فهمي نه ڦهلائي وڃي.