اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊ??لپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو ??يئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو ??ورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا جڏهن ته سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آباد جي نمائندن وڊيولنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ صوبي ۾ جاري تعميراتي سرگرمي?? جي باري ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 تعميراتي منصوب?? جي منظوري ڏني وئي آهي جنه?? جي نتيجي ۾ 38 لک چورس فوٽ زمين تي اڏاوت ٿيندي، انهن اڏاوت?? جي لاڳت 13.8 ارب روپيا آهي ۽ ا?? جي نتيجي ۾ 30 ارب روپين جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون، اجلاس ۾ موجود آباد جي نمائندن عارف حبيب، عقيل ڪريم ۽ ٻين مختلف نجي تعميراتي ڪمپنين طرفان تعميراتي منصوبن، جن ۾ گهٽ آمدني وارن گهر?? جي تعمير به شامل آهي، جي باري ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، نمائندن وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام ۽ وزيراعظم طرفان هفتيوار اجلاسن ۾ اڳڀرائي جي جائزي جي نتيجي ۾ تعميراتي منصوبن سان لاڳاپيل مرحلا ن??اي?? خوش اسلوبي سان طئي ٿي رهيا آهن.