لاهور -03 آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊا??ٽر شهباز گل چيو ??هي ته فوج ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي جي ضامن آهي، اسان جي فوج اسان کي ڪو صحيح ڪم ڪرڻ کان ناهي روڪيندي، جي??ڏهن اسان جي ڪا ڪوتاهي آهي ته ان جو ملبو فوج تي نٿو وجهي سگهجي. نواز شريف جو هميشھ فوج سان ئي جهيڙو رهيو، ڇاڪاڻ ته فوج ئي اهو واحد ادارو آهي جي??و ملڪي مفاد خلاف قدمن تي نواز شريف کان سوال پڇندو آهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.