اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختون??وا??ه جي غيور عوام پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي جو بائيڪاٽ ڪري ثابت ڪيو ته اهي سياسي بصيرت رکندڙ باشعور ماڻهو آهن جنه?? تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، عدالتي حڪم اچڻ جي باوجود مخالف ڌر جو جلس?? تي اصرار انهن جي عوام دشمني جي عڪاسي آهي. پي ڊي ايم جلسي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته خيبرپختون??وا??ه جي عوام وزيراعظم عمران خان جي اپيل تي نه ??ڳو پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ رکيو پر پي ڊي ايم جي عوام دشمن ايجنڊا کي پڻ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي ۾ ماڻهن جي گهٽ دلچسپي ۽ شرڪت خيبرپختون??وا??ه جي عوام جو مخالف ڌر تي عدم اعتماد جو واضح اظهار آهي.