اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ماکيءَ جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي، مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙن خيالن ??و اظهار هن آل پاڪستان مگس باني ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ما??ي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي اعليٰ م??يار جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ م??يار جي ما??ي جي پيداوار جي صلاحيت موجود آهي. مگس باني جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ??ي جديد رخن تي تربيت جي ضرورت آهي. صدر ع??رف علوي چيو ته مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.