اسلام آباد ??? 23 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 72 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 270 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئ?? وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي ??ريضن جي تناسب جي ??حاظ کان ملتان ۾ 52 سيڪڙو، لاهور ۾ 52 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئ?? وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي ??ثبت ڪيسن جي تناسب جي ??حاظ کان پشاو?? ۾ 62 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو، گجرات ۾ 86 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 42 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 622، پنجاب ۾ 20 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 278، اسلام آباد ۾ 5 هزار 384، بلوچستان ۾ 249، گلگت بلتستان ۾ 246، آزاد ڪشمي?? ۾ 684 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 85 هزار 271 ٿي چڪو آهي.