اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امتحان مان نڪرڻ جي لاءِ اسا?? کي هڪ ??نظم قوم هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، عالم سڳورا ماڻه?? کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو اختيار ڪرڻ سميت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سمورن حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد جي تلقين ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار علامه ساجد نقوي ۽ مولانا حني?? جالنڌري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه ساجد نقوي سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ مجلسن ۾ ڪورونا خاتمي جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي، مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙ ماسڪ پائين ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن، بزرگ ماڻهو ع??ادتون گهرن ۾ سرانجام ڏين. علامه ساجد نقوي صدر کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز جي پابندي جي خاطري ڪرائي.