اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته آبادي ۾ وڏي پئماني تي اضافي س??ن ملڪي وسيلن ت?? دٻاءُ وڌي رهيو آهي، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ عالمي پارٽنرز کي گڏ کڻي هلنداسين، هيلٿ ورڪرز ۽ عالم سڳورا آبادي جي شرح ۾ اضافي ۽ توليدي صحت بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪن، ميڊيا توليدي صحت ۽ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي اجاگر ڪري، حڪومت عورتن کي صحت جي بهترين سهولتن، کين قرض ۽ تعليم جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بهبود آبادي ۽ فيملي پلاننگ جي باري ۾ عالمي ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وير سيد فخر امام، پارليامينٽ جا ميمبر، برطانيه ۽ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنرز، آسٽريليا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر، يورپي يونين جي سفير، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريذيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن سميت سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيم جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته پاڪستان بهترين حڪمت عملي س??ن ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، صحت جي شعبي ان ڏس ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان کي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي. هن چي?? ته آبادي جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ماڻهن سان رابطي جي ضرورت آهي، صدر چي?? ته وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتون به ان طرف پنهنجو ڌيان مرڪوز ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ ۽ بهبود آبادي جي لاءِ برطانيه، آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا، يورپي يونين ۽ امدادي ادارن جي ڪردار کي س??راهيندي چي?? ته آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ عالمي پارٽنرز کي گڏ کڻي هلنداسين. هن چي?? ته حڪومتي منصوبن ۽ ڪوششن جو بنيادي مقصد عورتن ۽ ٻارن جي صحت بابت تعلق آهي. هر خاندان کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بهبود آبادي لاءِ خانداني منصوبابندي جي ضرورت آهي، اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته هڪ پورو خاندان صحت مند خاندان جي طور هجي، عالم سڳورا بهبود آبادي کي پنهنجي جمعي جي خطبن ۾ شامل ڪن، ماڻهن کي اش??هارن ت?? وڌيڪ ڀروسو ناهي هوندو، ميڊيا ڇاتي جي ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا صبح جي پروگرامن ۾ توليدي صحت ۽ وڌندڙ آبادي جي مسئلن کي اجاگر ڪري، صدر چي?? ته خاندان جي صحت ۽ تعليم سان قوم مٿي اڀرندي آهي. غير سرڪاري تنظيمون اسان سان گڏ هلن ت?? جيئن پاڪستان کي وڌيڪ صحت مند ۽ خوشحال بنائي سگهجي، ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته آبادي، عورت جي صحت، ترقي ۽ معيشت اهو سڀ شيون گڏجي هلنديون آهن، ملڪي معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، آبادي ۾ وڏي پئماني تي اضافي س??ن وسيلن ت?? دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسان جي پريشاني اها آهي ته آبادي وڌڻ سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چي?? ته اسان کي آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، حڪومت عورتن لاءِ قرض ۽ تعليم جي فراهمي کي ترجيح ڏئي رهي آهي، صدر چي?? ته قدرت عورت کي تعليم ۽ صحت جي حوالي س??ن هڪ ذميداري ڏني آهي، وڌندڙ آبادي کي روڪڻ لاءِ حمل روڪ دوائن جي فراهمي جي ضرورت آهي، عورت ۽ خاندان جي مڪمل صحت جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ويڪسينيشن ۽ فيملي پلاننگ به شامل آهي، هن چي?? ته ان حساس موضوع تي هاڻي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان ۾ اسان جي عالمن جو به ڀرپور ڪردار آهي، ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ جي باري ۾ قرآني آيتن جو پرچار ڪيو وڃي، صدر چي?? ته پاڪستان 60ع 70ع جي ڏهاڪي ۾ فيملي پلاننگ جي حوالي س??ن بهترين ڪم ڪيو، اسان کي مستقبل جي باري ۾ پنهنجي هدفن کي مقرر ڪري وسيلن کي موبلائيز ڪرڻو پوندو.