ننڪانه صاحب – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ب??شڪ سڀ گڏجي مارچ سميت ڪجهه ب?? ڪري وٺن جيستائين زنده آهيان ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، مديني جي رياست ان لاءِ ڪام??اب رياست تصور هوندي آهي ڇو ته اتي قانون جي حڪمراني هئي، طبقاتي نظام ۽ مراعت يافته طبقن جي هوندي ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، اقامه مني لانڊرنگ جو هڪ طريقو آهي، ??زيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو تقرير ۾ چيو هو ته هڪ وقت ايندو جڏهن ملڪ جو سڄو ڪرپٽ مافيا گڏجي ويندو. اهڙن خيالن جو اطهار وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ يو??يورسٽي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.