اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 23 مارچ پاڪستا?? جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ۽ انهي ڏينهن اسان تحريڪ پ??ڪستا?? جي انهن سمورن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خواب کي حقي??ت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ قرارداد پاڪستان منظور ڪئي. پاڪستا?? جي ڏهاڙي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ خاص مددگار چيو ته اڄ جو ڏينهن انه?? جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ انهن جنهن جدوجهد جي شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، اڄ هندستان پنهنجي انتهاپسندي، مذهبي اختلافن ۽ هندوتوا کي فروغ ڏئي 23 مار?? جي ڏينه?? جي اهميت ۽ فوقيت کي اڃا وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.