اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمن تي زور ڏنو آهي ته هو ماڻهن کي گهر جي اندر رهڻ ۽ گهر ۾ نماز پڙهڻ بابت مشورو ۽ آگاهي فراهم ڪن جنهن سان بيماري جي پکڙجڻ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، موجوده بحران جو واحد حل سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ آهي ?? اهڙي صورتحال کي منه?? ڏيڻ لاءِ اسلام طرفان فراهم ڪيل ره??ما اصولن تي عمل ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف مڪتب فڪر جي عالم سڳورن ۽ گورنرز سان وڊيو ڪانفرنس ۾ ڪيو.