اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ سومر ڏينهن پارليام??نٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. اجلاس کان اڳ بجيٽ سيشن جي شيڊيول ۽ ايجنڊا جي منظوري ??اءِ قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سمورين پارلياماني پارٽين جي نمائندن جي مشاورت سان ب??يٽ کان اڳ ۽ بجيٽ کانپوءِ اجلا??ن جي شيڊيول ۽ ايجنڊا جي منظوري ڏني ويندي.