اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪرنٽ ا??ائ????ٽ خساري ۾ نمايان گهٽ??ائ?? حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته حڪومت کي شروع ۾ ئي پرڏيهي ناڻي جي گهٽ ذخيرن جو مسئلو درپيش هو، آمدني واپار تي پرڏيهي ناڻي جو ڪاٿو روانگي واپار کان ٻيڻ کان به وڌيڪ هو، ان جي ڪري ڪرنٽ ا??ائ????ٽ خسارو 20 ارب جي لڳ ڀڳ پهچي ويو هو، حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم کنيا، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، حڪومت جي ڪوششن سان ڪرنٽ ا??ائ????ٽ خسارو 20 ارب ڊالر مان گهٽ ٿي 3 ارب ڊالر جي سطح تي آندو ويو، اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي.