اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته گئس جي محدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي مستقبل تي نظر رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي، گئس بابت مع??ملن جو تعلق ڪنهن هڪ شعبي يا علائقي سان نه پر پوري ملڪ جو مع??ملو آهي، اهي سمورا مع??ملا مفادن جي ڪائونسل جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گئس جي شعبي بابت مع??ملن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ گئس جي گه??ج ۽ پهچ، گئس انفرااسٽرڪچر، گئس جي شعبي ۾ درپيش مسئلن ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي لائحه عمل جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص مع??ون نديم بابر ملڪي سطح تي گئس جي پيداوار، ملڪي ضرورتن، درآمد ٿيل گئس جي مقدار، قيمت ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي گه??ج ۽ پهچ جي ڪاٿي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گئس جي شعبي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي شعبي جون ضرورتون ۽ ٻي طرف مقامي طور تي موجود گئس جي محدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي وي??هي مستقبل جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي.