اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊا??ٽر ثانيه نشتر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، اين ٽي سي جي مينيجنگ ڊائري??ٽر برگيڊيئر (ر) وقار راشد خان اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابي?? جي باري ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو. هتي جاري ڪيل هڪ پريس رليز موجب وزيراعظم جي خاص مددگار ڊا??ٽر ثانيه نشتر اين ٽي سي هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ڊيٽاسينٽر جو دورو ڪيو ۽ اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪلاوڊ بيسڊ III، آءِ ايس او 27001 سرٽيفائيڊ نيشنل ڊيٽا سينٽر(اين ڊي سي) جي قيام کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊا??ٽر ثانيه نشتر چيو ته حڪومت طرفان شروع ڪيل احساس پروگرام پوئتي پيل عوام جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ هيستائ??ن شروع ڪيل سڀ کان وڌو پروگرام آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستا?? جي مستحق شهري?? جي سهولت جي لاءِ متحرڪ ڊجيٽل سوشل ايڪو سسٽم تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي ج?? استعمال شفافيت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان شروع ڪيل پروگرام کي موثر بڻايو آهي.