اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي لا??ِ سمورن شهرين کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي اهميت رکندڙ آهي. صدر اها ڳالهه احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرش?? جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. صدر ان ڏس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي هڪ ٽوئيٽ جو حوالو پڻ ڏنو آهي جنهن ۾ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرش?? جي لاءِ درخواستگذارن کي 30 آڪٽوب?? تائين درخواستون ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته سمورا شاگرد پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن مستحق شاگرد وقت سر اسڪالرس?? جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن.