اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان غيرملڪي ڏاڍ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ خودمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل پنهنجي اخلاقي، قانوني، سياسي ۽ سفارتي اٿارٽي کي استعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رک?? ۾ سڄي دنيا ۾ يو اين امن مشنز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آه??. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئي. هن چيو ته عالمي برادري ??ڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهي آه??، 75 سال اڳ باني ميمبر ملڪن گڏجي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ قاعدن تي ٻ??ل عالمي نظام جوڙيو.