اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن ۾ تسليم ٿيل آهي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، سڀني ميمبر ملڪن جي گڏيل ذميداري آهي ته هو ڀارت کي پنهنجون عالمي ذميدار??ون پور??ون ڪرڻ جو پابند بڻائين، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته ڀارت کي خطي ۾ عدم استحڪام جي لاءِ رياستي دهشتگردي جي استعمال کان روڪيو وڃي، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پاڪستان ??شميري عوام سان ??لهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو ۽ انهن جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ٿيڻ تائين هر ممڪن حمايت جاري رکندو. يوم سياهه ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان اهو ڏينهن ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي لاءِ پنهنجي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي طور تي ملهائي رهيا آهيون.