ا??لا?? آباد – 20 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (ا??ن سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ا??ن سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 738 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس س??ب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 42 هزار 909 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 14 هزار 470، پنجاب ۾ 16 هزار 297، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 296، ا??لا?? آباد ۾ 6 هزار 153، بلوچستان ۾ 704 ، گلگت بلتستان ۾ 198، آزاد ڪشمير ۾ 818 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 27 هزار 542 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽ??لٽ??ز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 793 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 230 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 33 هزار 562 آهي.