اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوڊ س??ڪي??رٽي کي يقيني بڻائڻ، زرعي شعبي جو فروغ ۽ آبادگارن کي جائز حق ڏيارڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مل??ي معيشت ۾ زراعت جي اهميت جي باوجود ماضي ۾ ان شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو اسان جي آبادگارن ۽ مل??ي معيشت کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مل?? جي زرعي شعبي جي بحالي جي حوالي سان سڌارن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، نيشنل فوڊ س??ڪي??رٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر وقار مسعود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي وزيرن مخدوم هاشم جوان بخت، محمد سبطين خان، حسين جهانيان گرديزي، سيد صمصام حسين بخاري، سردار حسنين بهادر دريشڪ، تيمور سل??م جهڳڙا، سيد محمد اشتياق، نجي شعبي جي نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مل??ي مجموعي پيداوار ۾ زرعي شعبي جو حصو موجوده صلاحيت کان گهٽ آهي. اهڙي طرح ڪڻڪ، چانور، مڪئي، ڪپهه ۽ ڪمند جي پيداوار به خطي جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موثر حڪمت عملي ۽ آبادگارن کي مالي ۽ فني مدد جي فراهمي سان زرعي پيداوار جي تناسب کي سال 2031ع تائين 74 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع ۾ مل??ي مجموعي پيداوار ۾ زرعي شعبي جو حصو 49 ارب ڊالر رهيو جنهن ۾ 31 ارب ڊالر لائيو اسٽاڪ، هڪ ارب فشريز، جڏهن ته 17 ارب ڊالر زرعي فصلن جي مد ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. سال 2000ع ۾ اهو حصو 20 ارب ڊالر هو جنهن ۾ 10 ارب ڊالر لائيو اسٽاڪ جڏهن ته فصلن جو حصو 10 ارب ڊالر هو. ان لحاظ کان گذريل 20 سالن ۾ زرعي فصلن جي پيداوار ۾ صلاحيت موجب سگهه کي استعمال نه ڪيو ويو.