ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اين آر او نه ملندو، چاهيون ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم ??يو ته سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو عوام جي ن??ائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ ا??ان آئيني ترميمون چاهيون ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان گذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪ??رڪ??ن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وزيراعظم ??يو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن ??يو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.