اسلام آباد – 30 ج??ور?? (اي پي پي) موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته مٿاهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ شديد ٿڌ رهندي. جڏهن ته رات جي وقت مٿاهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ هل??ي برسات ۽ جبلن تي هل??ي برفباري جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران به ملڪ اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته مٿاهين علائقن ۽ اتر بلوچستان ۾ شديد ٿڌ رهيو آهي. ڇنڇر تي رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد جي رپورٽ مطابق استو ڪاٽو 12، گوپس، اننت ناگ ڪاٽو 10، ڪالام ڪاٽو 09، پلوامه ، ٻارهه موله ڪاٽو 8، سرينگر ، گلگت ڪ??ٽو 7، شوپيان، زيارت ڪ??ٽو 6، ڪوئيٽا ?? بگروٽ ۽ قلات ۾ ڪاٽو 5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.