اسلام آباد ??? 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبي فراش ٽائون اپارٽمنٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. اهو منصوبو ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار س??ن ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منصوبي ۾ جديد سهولتن سان آراسته 3960 فليٽس ??اهيا ويندا، جيڪي رهواسين کي سستي رهائشي فراهم ڪندا. 84 ايڪڙ تي ٻڌ?? ا?? منصوبي ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب وچولي طبقي ۽ ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ خصوصي طور تي فليٽس ??ختص ڪيا ويا آهن، منصوبي جي ماحولياتي رخ کي نظر ۾ رکندي گرين بيلٽس ۽ پارڪس جي قيام کي به خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به لڳايو.