ليه – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۾ رينجرز پوليس جي مدد ڪندي، خواهش آهي ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هجي، دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ ايتري وڏي سهولت نه ڏئي رهيو آهي، نيون اسپتالون ??اهڻ جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، شهرن جي پکيڙ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڏورانهن علائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو وڃي، ترقي جي عمل ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سهولت ڪارڊ جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو چاهي ٿو ته هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس هجي اڄ کان 50، 60 سال اڳ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان وقت ويزا جي به ضرورت نه هئي، تڏهن برطانيه ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هو ۽ برطانيه هڪ فلاحي ريا??ت هئي ۽ اتي سڀني ماڻهن جو سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو هو. پاڪستان هڪ فلاحي رياست لاءِ قائم ڪيو ويو هو پر بدقسمتي سان اسان جو ملڪ فلاحي رياست نه بڻجي سگهيو، وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ علاج جي مفت سهولت تمام وڏي نعمت آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال به غريبن لاءِ ٺاهي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪينسر جو علاج گهڻو مهانگو آهي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدمن سان برڪت ٿيندي آهي، مديني جي رياست دنيا جي پهرين فلاحي ريا??ت هئي، دنيا ۾ مديني جي رياست سڀ کان وڏو انقلاب آندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي اڪث??يت بنيادي سهولتون ??ه ملڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويندي آهي، ۽ ماءُ ۽ ٻار جون ??وتگيون به اسان وٽ گهڻيون ??ينديون آهن، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتالن جو ڏورانهن علائقن ۾ قيام تمام ضروري هو، بنيادي صحت جي مرڪزن جي شمسي توانائي تي منتقلي گهڻي اهميت ر??ند?? آهي.