اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو، ان جي ڪاميابي سان ماحوليات سميت معيشت، سياحت کي فروغ ملندو، آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي ??حفظ ملندو، دنيا جا اهڙا ملڪ جيڪي ڪاربان اخراج جو وڏو سبب آهن اهي پنهنجي ذميداري پوري ڪندي غريب ملڪن کي ??ن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪن ته جيئن هو پنهنجي ماحول کي ??هتر ڪري سگهن، قومي پارڪس ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ فارسٽ گارڊز جو تعداد وڌائينداسين، مقامي ماڻهن کي ??وزگار فراهم ڪنداسين ته جيئن هو ان جي بن??اد?? ڌر بڻجي ان جو تحفظ ڪري سگهن، 2030ع تائين 60 سيڪڙو بجلي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪنداسين، پوري قوم کي گڏجي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي واري ڏهاڪي جي ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب کي ??اص مهمان طور خاص خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي، کيس خوشي آهي ته تمام جلد پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان ڪوششن ۾ عالمي نقشي تي اچي ويو آهي، دنيا هاڻي ان جو ادراڪ ڪري ٿي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي ته هو پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته مسلمانن ۽ پاڪستاني قوم لاءِ حضور اڪرم ﷺ جي حديث جو فهم ضروري آهي جنه?? ۾ ??ن فرمايو ته ايندڙ دنيا لاءِ ايئن جيئو ته سڀاڻي مري وڃڻو آهي ۽ هن دنيا جي لاءِ ايئن جيئو ته هزارين سال زنده رهڻو آهي، اهو الله جو حڪم آهي ته ان جي زمين تي قدم رکو ته ان جو فڪر ڪريون ته جيڪو ڪم ??سا?? ڪري رهيا آهيون ان جا ايندڙ نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان دنيا جي اڪثر ملڪن ان طرف ڌيان نه ڏنو، پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل هو، تنهن هوندي به ڪجهه ملڪن ان جو احساس ڪيو ۽ هنن ماحوليات جو خيال رکيو، وزيراعظم چيو ته ??سا?? خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن ??سا?? کي ??بر پئي ته پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ هيستائين 64 ڪروڙ وڻ پوکيا ويا ??سا?? خيبرپختونخوا ۾ اهو هدف پورو ڪيو، هن چيو ته ??سا?? جي لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي ته پاڪستان ۾ ڇانگامانگا، ديپالپور، تاندليانوالا ۽ چيچه وطني ۾ جيڪي ٻيلا هئا اهي به وڍيا ويا، ڪنهن کي ??سا?? جي ايندڙ نسلن جو خيال نه هو، ??سا?? پنهنجي دريائن کي ??ي دردي سان آلوده ڪيو، ماضي ۾ زمان پارڪ جي ٻاهران واهه مان ماڻهو پاڻي پئيندا هئا ، باغن جي شهر لاهور ۾ آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي جو ڏهاڪو دنيا جي لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو ماحوليات جي بهتري لاءِ قدم کڻي، الله ??سا?? کي موقعو ڏنو آهي ته پنهنجو ماحول ٺيڪ ڪريون، اهي 10 سال ??سا?? جي لاءِ پنهنجو رخ درست ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن، وزيراعظم چيوته ڪاربن اخراج ?? پاڪستان جهڙن ملڪن جو ڪردار هڪ سيڪڙو به نه آهي ان جي باوجود ??سا?? اهو فيصلو ڪيو ته عالمي گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڏي اهم ڳالهه ڪئي آهي ته دنيا ?? پاڻي جو بحران اچڻ وارو آهي، پاڪستا?? ۾ ??ينئر کان صوب?? ۾ ??اڻي جي ورڇ تي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي دريائن ۾ 80 سيڪڙو پاڻي گليشيئر مان ايندو آهي ۽ اهو عالمي حدت سان متاثر ٿي رهيا آهن، جن ملڪن جو پاڻي جو دارومدار گليشيئر تي آهي انهن لاءِ وڏا مسئلا آهن، هندستا?? ۾ ??اڻي گليشيئر کان دريائن ۾ ايندو آهي ۽ اهو به متاثر ٿيندو ۽ ان کانسواءِ وچ ايشيائي رياست?? ۾ ??اڻي به گليشيئر مان ايندو آهي اهو سڄو علائقو متاثر ٿيندو