اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سال 2021ع پاڪ چين ٻه طرفي ??اڳاپن جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، پاڪ چين د??ستي نه رڳو حڪومتي حڪومتي سطح تي پر عوامي سطح تي به قائم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نانگ رانگ سان سندس رهائشگاهه تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته چين سدائين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ ٻئي ملڪ دنيا جي سمورن اهم فو??من تي مختلف عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندا آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي ۽ سي پيڪ جي ڪري پاڪستان خطي جو معاشي حب ثابت ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ گڏيل ترقي جا بي پناهه موقعا فراهم ڪري ٿو ۽ سي پيڪ منصوبن سان روزگار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ميسر ايندا. سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي جي رفتار تيز ٿي آهي ۽ پاڪستان چين د??ستي مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي