اسلام آباد – 02 ج??ن (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تاجڪستان سان واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، خطي جي ترقي ۽ امن لاءِ افغانستان ۾ تڪرار جو پرامن سياسي حل اڻٽر آهي?? ماحولياتي آلودگي جي معاملي تي پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏجي آواز بلند ڪندا، ڀارت جي ڪشمير تي 5 آگسٽ جا قدم خطي جي امن لاءِ خطرو ۽ ترقي جي راهه ۾ ر??اوٽ آهن. تاجڪستان جي صد?? امام علي رحمانوف سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تاجڪستان جي صد?? کي خوش آمديد چوان ٿو، هو ان کان اڳ به پاڪستان اچي چڪو آهي.