اسلام ??با?? – 05 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 60 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾5 هزار 661 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي ??ريضن جي تناسب جي ??حاظ کان بهاولپور ۾ 40 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو، گوجرانوالا 21 سيڪڙو ۽ اسلام ??با?? ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي ??ثبت ڪيسن جي تناسب جي ??حاظ کان ايبٽ ??با?? ۾ 70، ڪراچي ۾ 63 سيڪڙو، اسڪردو ۾ 49 سيڪڙو ۽ حيدر ??با?? ۾ 44 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 62 هزار 462 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 21 هزار 759، پنجاب ۾ 20 هزار 96، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 276، اسلام ??با?? ۾ 4 هزار 179، بلوچستان ۾ 2 هزار 672، گلگت بلتستان ۾ 756، آزاد ڪش??ير ۾ هڪ هزار 724 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 52 هزار 616 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪش??ير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ??اءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 404 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هزار 409 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 53 هزار 660 آهي جن مان آزاد ڪش??ير ۾ 25 هزار 778، بلوچستان ۾ 30 هزار 880، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 473، اسلام ??با?? ۾ 89 هزار 117، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 46 هزار 485، پنجاب ۾ 3 لک 60 هزار 494 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 92 هزار 433 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 635 ٿي چڪو آهي.