مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ٻنهي ملڪن جي خوشحالي خاطر پاڪستان طرف پنهنجو ظالماڻو ۽ هٺ ڌرمي تي ٻڌل رويو ترڪ ڪري ڇڏي، هر سازش کانپوءِ پاڪستان پهرين کان وڌيڪ مضبوط بڻجي اڀرندو، ڀارت پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان حل طلب تڪرارن جي حل بدران ڇڪتاڻ جاري رکي ته ان سان غربت ۽ پسماندگي جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڀارت اهو ??مجهي ٿو ته هو پاڪستان کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهي ٿو ته هو ??مام وڏي غلطي فهمي ۾ مبتلا آهي، ڪشمير تي اسان جو موقف تبديل ??ه ٿيندو، پاڪستان ڀارت سان ان وقت تا??ين ڳالهيون نه ڪندو جيستا??ين هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال نٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي ??ي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد مهاجر ڪيمپ ٺوٺا ۾ پناهگيرن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي ??ي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال به خطاب ڪيو جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر نوشين، رخسانه نويد، ظل هما، غزاله سيفي، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري شڪيل ??ادر خان، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو فياض علي عباسي، اطلاعات وارو سيڪريٽري مدحت شهزاد، آءِ جي پوليس سهيل حبيب تاجڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني عوم ج??ن دليون ڪشمير سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، جيستا??ين ڪشمير آزاد نه ٿيندو تيستا??ين اسان سک سان نه ويهنداسين. ڪشميرين جي جدوجهد دهشتگردي نه پر آزاد ۽ عوامي راءِ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد آهي، گڏيل ??ومن به غاصب ۽ ظالم جي خلاف آزادي جي تحريڪن جي اجازت ڏي ٿو. پاڪستان جي ڪوشش آهي ته امن جي ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل ٿئي جڏهن ته هندستان جنگ جي ڪوشش ڪندو آهي پر ان کي خبردار ڪريون ٿا ته ايئن سوچي به نه، بالاڪوٽ وارو واقعو سڀني کي ياد آهي، هن چيو ته هندستان پنهنجي تاريخ مٽائي ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ لکڻ چاهي ٿو پر تاريخ ڪڏهن به ناهي مٽجندي، هندستان جي غلط فهمي آهي ته ڪشميري ڪمزور ٿي ويندا، آزادي جو جذبو دلين ۾ هوندو آهي ۽ اهو ??ذبو صدين تا??ين ختم نٿو ٿي سگهي. صدر چيو ته پاڪستان طاقت کي مسئلي جو حل نٿو سمجهي پر ان جي باوجود پاڪستان تي ٽي جنگيون مڙهيون ويون، هندستان ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي، هو ??يڪو مرضي ڪري وٺي ڪشميرين جي جذبي کي ختم نٿو ڪير سگهي، ان ۾ ايتري جرئت نه آهي جو اسان جو مقابلو ڪري سگهي، هن چيو ته ڀارت جي حڪومت جو تعصب آر ايس ايس ۽ هندو توا جي عڪاسي ڪري ٿو ڀارت والاريل ڪشمير جي ڊيمو گرافي تبديل ڪري رهي آهي ته ج??ين هو ??تي هندوئن جي اڪثريت ثابت ڪري سگهي. صدر چيو ته ڪشميرين جي سفير عمران خان دنيا کي هندستان جي اصليت ڏيکاري آهي، ڪشميرين جي جدوجهد 1947ع کان به پهرين جي آهي، 1989ع کانپوءِ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، 20 هزار ڪشميري عورتون بيواهه ٿيون، هڪ لک 8 هزار ڪشميري ٻار يتيم ٿيا، 12 هزار ڪشميري مائرن ڀينرن جي عزت لٽي وئي، هن چيو ته پاڪستاني فوج دنيا جي ڪامياب ترين فوج آهي، پاڪ فوج جنهن انداز سان ان خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪيون آهن اهڙا مثال نٿا ملن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان وقت طئي ڪيو ويو ته مسلم اڪثريتي علائقا پاڪستان جڏهن ته هندو اڪثريتي علائقا هندستان ۾ شامل ٿيندا، ان وقت ڪشمير جي خلاف سازش ڪئي وئي ته ڪشميرين پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جهاد شروع ڪيو ته هنددستان گڏيل ??ومن ۾ هليو ويو ۽ گڏيل ??ومن ۾ هندستان جي ان وقت دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪيو پر ان جي نيت خراب هئي، هن چيو ته عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو خواب هو ??ه ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي، اسان امن چاهيون ٿا جنهن کي غلط سمجهيو ويو. هن چيو ته هندستان پنهنجي قوم سان ڪوڙ ڳالهائي ۽ بيوقوف بڻائي دوکو ڏيندو آهي، هندستان جا قدم آر ايس ايس ۽ هندو توا جي 100 سال پراڻي ڪهاڻي جا عڪاس آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيستا??ين ڪشمير جو مسئلو حل نٿو ٿئي تيستا??ين ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون.