اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ نئين صورتحال کي نئين تناظر سان ڏسندي ۽ هڪ ??قيقت پسنداڻي ۽ زميني حقيقتن مطابق سوچ اختيار ڪندي اڳيان وڌڻ گهرجي، اسان کي افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ انه?? جي حمايت ڪرڻ گهرجي. افغانستان جو استحڪام پاڙيسري ملڪ?? جي سڌي ريت مفاد ۾ آهي، عالمي برادري ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي، سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اعتماد ملندو. اهڙو اظهار هن افغانستا?? جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي پرڏيهي وزير?? جي ورچوئل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان ڪئي. جڏهن ته ورچوئل ڪانفرنس ۾ چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان ۽ ايرا?? جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ ٿيل واقعن اسا?? جي خطي کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، غير متوقع ۽ اوچتو ٿيل انهن واقعن سان اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڏهاڪن کان جاري خونريزي ناهي ورجائي وئي. ڊگهو تڪرار ۽ گهرو ويڙهه جو امڪان في الحال ٽري ويو آهي، پر ان باوجود صورتحال پيچيده ۽ غير مستحڪم آهي. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اسان سڀ افغانستان ۾ تبديل شده حقيقت کي ڏسڻ ۾ مصروف آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته طالبان عبوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسان ان اڳڀرائيءَ کي ڏسي رهيا آهيون، اسان کي اميد آهي ته سياسي صورتحال جلد کان جلد مستحڪم ٿيندي ۽ حالتون بهتريءَ طرف وينديون. هن چيو ته اسا?? جي ڪوششن جو بنيادي محور افغان عوام جي ڀلائي ۽ بهتري هئڻ گهرجي جيڪا قوم 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تڪرار هيٺ آهي ۽ عدم استحڪام سبب بي پناهه ڏُکيائين کي مُنهن ڏنو آهي. افغانستان ۾ ٿيل واقعا سمورن ڇهن پاڙيسري ملڪن لاءِ واضح خراب تناظر ۾ آهن، اسان ويجهن رابطن ۽ ڀائيچاري تي اتفاق ڪيو هو. هن چيو ته هاڻي تائين ٿيل مشاورت سان هيٺان معاملا سامهون آيا آهن جن تي بدلجندڙ صورتحال ۾ گڏيل سوچ برقرار آهي، جهڙوڪ سرحد?? جي سلامتي جي صورتحال، افغان ڌرتيءَ کي دهشتگرد تنظيمن هٿان استعمال ٿيڻ کان بچائڻ، پناهگير?? جي نئين لهر جي ايندڙ امڪان، منشيات ۽ ڊگهي مُدي وارن ڏوه?? جي روڪٿام، ان??هاپسند عنصرن کي روڪڻ، ڪورونا وبا بابت ڏُکيائين جا مسئلا، خطي کي ڳنڍڻ ۾ درپيش رڪاوٽون شامل آهن. هن چيو ته اسان به ان ڳالهه تي اتفاق ڪريون ٿا ته افغانستان ۾ امن قائم ٿي وڃي ته ان جا تمام گهڻا فائدا آهن جنهن سان خطي جون سرحدون محفوظ ٿينديون ۽ افغانستان ڌرتيءَ تان دهشتگرديءَ جو خطرو ٽري ويندو، افغان پناهگير?? جي وطن واپسيءَ جا امڪان روشن ٿي ويندا، معاشي استحڪام ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري ايندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پُرامن، مستحڪم، خوشحال خطي لاءِ اسا?? جي گڏيل سوچ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ افغانستان کي ان قابل بڻائڻو پوندو ته اهي ان آزمائش جي گهڙيءَ مان نڪرن ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻين. اسا?? جي سوچ ۾ ڪيترائي اهم نُڪتا ۽ ترجيحون آه?? جيڪي ان رُخ ۾ اسا?? جي ڪوششن ۾ اسا?? جي رهنمائي ڪن ٿيون. پهريان ته اسان کي افغان عوام سان گڏجي مڪمل اعتماد ڪرڻ لاءِ انه?? جي حمايت ڪرڻي پوندي. ٻيو اسان کي هڪ متحد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي سطح تي سلامتيءَ واري افغانستا?? جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو. ٽيون اسان کي ان ڳالهه تي زور ڀرڻو پوندو ته افغان مسئلي جو افغانين کي ئي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. چوٿون اسان کي واضح ڪرڻو آهي ته افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. پنجون اسان کي افغان ڊگهي مُدي واري اهميت کي سمجهندي قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڀرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻوڪي اڳڀرائيءَ جي تناظر ۾ اهم ترجيحيات اهي شامل آهن ته ان??اني نوعيت جو بحران جنم نه وٺي جنهن سان افغانين جون ڏُکيائون وڌيڪ وڌي وينديون. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري خاص طور تي ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي. سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اُميد ملندي. پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته پاڙيسري ملڪ ان اهم پليٽ فارم کي مستقل ۽ باضابطه مشاورتي نظام ۾ تبديل ڪن ۽ مستقبل ۾ افغانستان کي ان ۾ گُهرائڻ لاءِ به سوچي سگهجي ٿو. افغانستا?? جي ان ۾ شموليت سان فورم جو اثرائتو هجڻ ۽ افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جي اسا?? جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائيءَ کي هٿي ملندي. افغانستا?? جي استحڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جو سڌيءَ ريت مفاد آهي، عالمي برادريءَ لاءِ اسان جو گڏيل آواز پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستا?? جي پيغام کي طاقت ڏيندو.