اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) ويراعظم عم??ان خان هدايت ڪ??ي آهي ته سرڪاري زمين ??ي قبضا ختم ڪرا??ي آزاد ڪرايل زمين ??ي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ امين ??سلم، ڊاڪٽر شهباز گل، ايف بي آر چيئرمين، سرويئر جنرل آف پ??ڪس??ان، نئون پ??ڪس??ان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پ??ڪس??ان جي اجلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين ??ي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي و??ي آهي. اڃا تائين مڪمل ميپنگ سان هزارين ??يڪڙ سرڪاري زمين ??ي ناجائز قبضن جي نشاندهي ٿي آهي. انهن قبضن جي ماليت کربين ??پيا بڻجي ٿي. ڪيڊسٽرل ميپنگ سان سرڪاري زمين ۽ ملڪيت ڊيجيٽل رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ کان وڌيڪ ناجائز قبضا ٻيلن جي زمين ??ي ڪيا ويا آهن. واپڊا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي زمينن تي پڻ ناجائز قبضا قائم ڪيا ويا آهن. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ زمين ??ي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل صوبائي حڪومتن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سروي آف پ??ڪس??ان جي ڪيڊسٽرل ميپنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري زمين ??ي ناجائز قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صوبائي حڪومتون ناجائز قبضن جي لاءِ قانونسازي جي عمل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صوبا ڪيڊسٽرل ميپنگ ??ي ڊيٽا جي سروي آف پ??ڪس??ان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪن. وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي ناجائز قبضن جي خلاف التوا هيٺ ڪيسن جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ناجائز قبضن کي ختم ڪري آزاد ڪرايل زمين ??ي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.