لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنج??ب جي گورنر چوڌري محم?? سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پنج??ب جي گورنر وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پنج??ب جي گورنر چوڌري محم?? سرور کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، د??شتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنج??ب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو برطانوي پارليامينٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور ساراهيو آهي. گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پارليامينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ ساراهيو.