اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اقتصادي سفارتڪاري جي ڪاميابي جي لاءِ اسان کي سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون، ملڪي روانگي واپار وڌائڻ لاءِ نون قدم?? جي ضرورت آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ قدم تحت، 175 ملڪن کان اڪائونٽس ۾ 2.9 ارب ڊالر کان وڌ??ڪ رقم جمع ٿي. پرڏيهي وزارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان وڌ?? رهيو آهي، اجلاس ۾ اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، مختلف ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سميت پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سميت نيو??ار?? ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستا?? جي سفير اسد مجيد، ترڪي ۾ پاڪستا?? جي سفير سائرس سجاد قاضي، آسٽريا ۾ پاڪستاني سفير آفتاب احمد کوکر، ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير رحيم حيات قريشي، روس ۾ پاڪستا?? جي سفير شفقت علي خان، نيڌر لينڊ ۾ مقرر پاڪستاني سفير سلجوڪ مستنصر تارڙ، جنيوا ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي خليل هاشمي شريڪ ٿيا، هن چيو ته معاشي ترقي، قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ پاڪستان، جاگرافيائي سياست سا?? جيو اڪنامڪس طرف ڌيان ڏئي رهيو آهي، آئون سمجهان ٿو ته اڪيلو اقتصادي سفارتڪاري تبديلي جي رستي تي گامزن ٿيڻ لاءِ جادو جي لٺ نه ٿي سگهي، ا?? جي لاءِ اسان کي سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون، سفير هجڻ جي ناطي توهان جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ. اها هڪ وڏي ذميداري آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته گهرو وزارت پاران اقتصادي سفارتڪاري تي ٻه سفيرن جون ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ 2020ع ۾ نيروبي ۾ پاڪ – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو، آفريقا اسا?? جي لاءِ هڪ اهم خطو آهي جنه?? جي اقتصادي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت پاڪستان آفريقا ۾ پنج مشنز کولي ڪري پنهنجي سفارتي موجودگي کي وڌايو آهي، انهن قدمن سان هن وقت تائين حڪومت جي ڪوششن سان هيٺ ڏنل فائدا حاصل ٿيا آهن. پاڪستا?? جي ”ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني“ جي درجه بندي ۾ گذريل ٻن سالن دوران 39 پوائنٽس جي بهتري آئي آهي، اسا?? جي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ايشيا جي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مارڪيٽ قرار ڏنو ويو آهي، اسا?? جي ڪاروباري اعتماد جي درجه بندي ۾ 59 پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي، آفريقي ملڪن سان گڏ 7 سيڪڙو جي حوصلا افزائي اضافي سان گڏ پاڪستان جو مجموعي واپار وڌ??و آهي، هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ قدمن تحت 175 ملڪن مان 299000 کان وڌ??ڪ اڪائونٽس ۾ 2.9 بلين آمريڪي دالر کان وڌ??ڪ رقم جمع ٿي آهي، نئون پاڪستان سرٽيفڪيٽ ۾ تقريبن 2 بلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون خرچ ڪريون، شاهه محمود قريشي چيو ته اقتصادي سفارتڪاري صرف روانگي واپار ۽ آمدني واپار کان ڪيترائي ڀيرا وڌ??ڪ تصور آهي، ان ۾ اهي سڀئي قدم شامل آه?? جيڪي ملڪ جي معيشت ۾ بهتري آڻڻ ۾ مددگار ٿي سگهندا، انهن ڪوششن ۾ و??پار، سيڙپڪاري ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ، ٻاهرين ملڪ روزگار پيدا ڪرڻ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستا?? جي روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ نون قدمن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، اسان کي مستقبل جي صنعتن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ڏسڻو پوندو ته اسان جا مشنز ڪهڙي طرح پاڪستان کي هٿرادو ذهانت اليڪٽرڪ وهيڪلز ٽرانسپورٽيشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت متحرڪ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته اسان کي مذهبي سياحت سميت سياحت جي سڀني شعبن کي فعال انداز ۾ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پنهنجي اقتصادي سفارتڪاري تي جارحاڻي انداز ۾ ڪم جاري رکڻ جي ضرورت آهي، مختلف ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفير اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان هن وقت تائين ڪيل ڪوششن کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو.