اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي ??هتري لاءِ عورتن جي ڪردار اهميت رکندڙ آهي، فني تربيت کي حاصل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عورتن جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، حڪومت عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ کين بئنڪن جي ??ريعي قرض فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”خوشحال پاڪستان“ جي ??نوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام ٽيڪينڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) فيس بڪ جي ??هڪار سان ڪيو هو. صدر چيو ته عورتن کي تعليم حاصل کانپوءِ عملي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، فني تربيت حاصل ڪرڻ نوجوانن جي لاءِ گهڻي ضروري آهي، اهي ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندا آهن جيڪي نون رجحانن کي سڃاڻيندا آهن، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي ۾ 4 ڪروڙ ماڻهن جي ??رورت هوندي، ورچوئل يونيورسٽي گهٽ پئسن ۾ معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي. صدر فاصلاتي تعليم جي موقعن کي وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي اڳتي و??ي وڃن ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته جنهن قوم ۾ عورت گڏ گڏ نه هلندي اها ترقي نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ گهرجن، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. جيڪڏهن کين هنرمند نه بڻايو ويو ته اهي معاشري تي بار بڻجي و??نديون. هن تقريب جي ??نعقاد تي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) ۽ فيس بڪ جي ??نتظاميه کي مبارڪباد پي?? ڪئي. صدر چيو ته برطانيه ۾ 1904ع تائين عورتن کي وراثت جو حق حاصل نه هو، اسلام 14سئو سال اڳ عورتن کي وراثت ۾ حصيدار بڻايو ۽ کين انهن جا سمورا حق ڏنا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت عورتن کي معاشي طور تي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ قرضن جي مد ۾ جيتري رقم مختص ڪئي آهي اهي ان مان فائدو نه کڻي رهيون آهن، احساس پروگرام تحت هيٺين سطح تي به عورتن کي روڪ رقم ڏني پئي وڃي. صدر چيو ته پاڪستان ماضي ۾ غير هنرمند افرادي قوت کي ٻاهرين ملڪ موڪليندو رهيو آهي، اسان کي هاني هنرمند ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي 9 لک نرسن جي ??رورت آهي، ملڪ ۾ هن وقت صرف 2 لک نرسون دستياب آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ??ي ٻين شعبن ۾ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، سائبر سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي ماهرن جو تعداد يونيورسٽين جي مشاورت سان وڌائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي شاگردن جي ??اخلائن جي ??عداد 28 هزار کان وڌائي 55 هزار ڪري ڇڏي آهي، فيس بڪ جي ??عاون سان عورتن کي تربيت يافته بڻائي سگهجي ٿو، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ٽيوٽا کان تربيت حاصل ڪري پنهنجي ??وزگار ڪمائيندڙ هنرمند عورتن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا. تقريب کي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) جي چيئرمين علي سلمان صديق، فيس بڪ جي پبلڪ پاليسي جي مينيجر سحر طارق ۽ ٻين مقررن به خطاب ڪيو.