لاهور – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته ??ريءَ ۽ ڀرپاسي مٿئين علائقن ۾ غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽُٽي ويو آهي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌيڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، ڪيترن ئي ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون، مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار ماڻهن کي مريءَ ۽ مٿئين علائقن جي سفر کان منع ڪندي رهي، وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج متاثر علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ڪيو ويو آهي، ماڻهن جي انخلا جو عمل جاري ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ نوجوانن جي معاملن وارو خاص معاون عثمان ڊار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ڪ هفتي کان مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار چوندي رهي ته ??ريءَ ۽ مٿئين علائقن ۾ موسمي صورتحال خراب آهي، ماڻهو سفر کان پاسو ڪن، گذريل 48 ڪلاڪن دوران غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سخت برفباري جي ڪري صورتحال خراب ٿي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌيڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، انهن علائقن ۾ ماڻهن جون جانيون به ضايع ٿيون. جاني نقصان تي پوري پاڪستان جا ماڻهو ڏکويل آهن. هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس وٺندي پنجاب جي وڏي وزير کي مريءَ پهچڻ جي هدايت ڪئي، پنجاب جو وڏو وزير مريءَ روانو ٿي ويو ??هي. هن چيو ته انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج مريءَ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ٿي ويو آهي، ماڻهن جي انخلا جو عمل جاري ??هي. هن چيو ته ??ٿيا گلي طرف خيبرپختونخواهه حڪومت به سمورا رستا کولي ڇڏيا آهن، پنجاب حڪومت به متاثر ماڻهن جي لاءِ سمورا گيسٽ هائوس کولي ڇڏيا آهن. چوڌري فوا?? حسين چيو ته ??ختصر وقت ۾ وڌيڪ ماڻهو انهن علائقن طرف ويندا ته ??سئلا پيدا ٿيندا، ڪنهن به انتظاميا جي لاءِ اهڙي اوچتو صورتحال کي هينڊل ڪرڻ مشڪل هوندو ??هي. هن چيو ته ??يڊيا مضبوط فورم آهي، ميڊيا ماڻهن کي مٿئين علائقن جي صورتحال کان آگاهه ڪري، هن وقت سمورن مٿئين علائقن ۾ تمام گهڻي رش آهي، اتي وڌيڪ ماڻهن جي گنجائش نه ??هي. هڪ سوال تي هن چيو ته ??ي ٽي آءِ جو ميمبر صداقت علي عباسي هن وقت مريءَ ۾ موجود ??هي. هن چيو ته حڪومت پوري طرح الرٽ آهي، اسان ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته ??ريءَ ۽ مٿئين علائقن ۾ گاڏيون هفتن يا مهينن ۾ داخل ناهن ٿيون، 24 ڪلاڪن ۾ ايتري وڏي انگ ۾ گاڏيون داخل ٿيون، انتظاميا هنگامي قدم کنيو ۽ وڌيڪ گاڏين جي داخلا بند ڪئي. چوڌري فوا?? حسين چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو احساس ڪرڻ گهرجي ته اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ٿئي، اسان کي ان معاملي مان سکي اڳتي وڌڻو پوندو.