راولپنڊي – 08 جنوري (اي پي پي) مريءَ ۾ سخت برفباري سان بند جهيڪا گلي گهڙيال ۽ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو. آرمي انجنيئرز ۽ فرنٽيئرز ورڪس آرگنائيزيشن، ايف ڊبليو او جي دستن ڊوزرز ۽ ٻي هيوي مشينري سان اهي رستا کوليا، جهيڪا گلي، ??لڊ??ه روڊ کي کولڻ جي لاءِ آرمي انجنيئرز جا دستا مصروف آهن، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي کاڌو ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ فراهم ڪيو پيون ??ڃي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري پڌرائي موجب ترجمان چيو ته فوجي دستا سول انتظاميا جي مدد ۾ مصروف آهن، مري ۾ موجود سمورن وسيلن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. جهيڪا گلي ??لڊ??ه روڊ پڻ جلد کلڻ جو امڪان آهي. ترجمان موجب برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي آرمي پبلڪ اسڪول ??لڊ??ه ۾ ڇت ۽ خوراڪ جي لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي. ايف ڊبليو او ۽ آرمي انجنيئرز جا دستا ۽ مشينري رستن کي کولڻ جي لاءِ متحرڪ آهن، رستا کولڻ جي لاءِ ڊوزر مظفرآباد کان منتقل ڪيا ويا آهن. ترجمان ٻڌايو ته ٽرپل ون برگيڊ جا جوان بهاره ڪهو ۾ روڊ کولڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته ضروري کاڌي پيتي جون شيون ??ڻ فراهم ڪري رهيا آهن. ترجمان ٻڌايو ته پاڪ فوج پاران ملٽري ڪاليج مري، جهيڪا گلي، اي پي ايس ??لڊ??ه ۽ اسٽيشن سپلاءِ ڊپو سٽي بئنڪ ۾ چار ڪئمپ قائم ڪيون ??يون آهن.