اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري مريءَ ۾ سخت برفباري جي ڪري سياحن جي فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ب??ان ۾ هنن فوت ٿيندڙ سياحن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم پونئيرن جي ڏک ۾ ب??ابر جي شريڪ آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر فوت ٿيندڙ سياحن جي درجن جي ب??ندي ۽ سوڳوار خاندانن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ حوصلو ۽ همت عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي. هنن لاڳاپيل عملدارن کي ڦاٿل سياحن کي فوري طور تي ريسڪيو ڪري محفوظ جاين تائين پهچائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.