اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي چيو آهي ته پاڪستان آم??يڪا سان ٻطرفي ڊگهي بن??اد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن آم??يڪا جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير سردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير آم??يڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان آم??يڪا سان گڏوگڏ ٻطرفي وسيع البن??اد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي گامزن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڏياريو وڃي، شاهه محمود ق??يشي چيو ته اميد آهي ته توهان جهڙا وسيع تجربي جا حامل ۽ مڃيل سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آم??يڪا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، آم??يڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي هدايتن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.